ماهرن زراعت تي ٽئڪس جي مخالفت ڪري چڍي، پراپرٽي ٽئڪس به صوبائي قرار

اسلام آباد: بجيٽ 25،2024 تي خانگي ٽي وي جي خاص ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر ارشاد تجويز پيش ڪئي آهي ته پراپرٽي ٽئڪس پروونشل سبجيڪٽ آهي، زراعت به ايف بي آر جي دائري کان ٻاهر آهي، فوري طور تي ريٽيل ۽ هول سول تي فوڪس ڪرڻو پوندو. ملڪ جي زرعي شعبي تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي زراعت جي ماهر شهزاد علي چيو ته زرعي شعبي تي ٽئڪسن جا زراعت تي ناڪاري اثر پوندا. معاشي تجزياڪار خرم شهزاد جو چوڻ هو ته پهريان ئي ٽئڪس آهي، ان تي ٽئڪس جو ٻوجهه گهٽ ڪيو، علامتي طور تي ئي صحيح ٻين شعبن ۾ ٽئڪس نيٽ ۾ آندا وڃن. صنعتڪار انجم نثار چيو ته 60 سيڪڙو روينيو صنعتن مان حاصل ڪيو پيو وڃي، وڌيڪ ٽئڪس سان صنعتون ڏکيائين جو شڪار ٿي وينديون. اڳوڻي مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا اميد ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي تاريخ ۾ گذريل سال مشڪل رهيو، هن سال ڪجهه ڪارڪردگي بهتر رهي، جنهن جي بهتري جي اميد آهي.عائشا غوث پاشا جو چوڻ هو ته اسان چوندا آهيون ته ايشين ٽائيگر بڻجنداسين، اهو چوڻ سان ناهي ٿيندو، ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي.

پنھنجي راءِ لکو