آفريقي نائب صدر ملڪ ملاوي جو جهاز گم ٿي ويو

آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر جو جهاز گم ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز ۾ ملاوي جي نائب صدر سميت 10 ڄڻا سوار آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز مقامي وقت موجب صبح 9 وڳي کانپوءِ ٽيڪ آف ڪيو هو.
صدر ۽ ڪابينا جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب جهاز جي ريڊار تان گم ٿيڻ کانپوءِ هوابازي اختيارين طرفان رابطي جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريسڪيو اختياريون جهاز جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

پنھنجي راءِ لکو