سيلزٽئڪس۽ پيٽروليم ليوي ڪي وڌائڻ جو فيصلو، وڌيڪ مهانگائي جو امڪان

اسلام آباد : نيوز موجب ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي وفاقي روينيو وڌائڻ لاءِ پيٽروليم ليوي تي 20 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. جنهن سبب خدشو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رليف عوام کي منتقل نه ڪيو ويندو پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڊيزل تي ليوي 60 کان 80 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سيلز ٽئڪس مرحليوار وڌائڻ جي تجويز آهي، ان وقت پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس جي شرح ٻڙي آهي. ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، سيلز ٽئڪس ۽ ليوي وڌائڻ جي صورت ۾ اهو رليف عوام کي منتقل نه ڪيو ويندو. ايندڙ بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سبب کنڊ، گيهه، صابن ۽ مصالحن سميت مختلف شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. کنڊ جي في ڪلو قيمت تي سيلز ٽيڪس 18 کان 19 سيڪڙو، في ڪلو اگهه ۾ 5 کان 5 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان صابن جي قيمت ۾ 2 کان 5 رپيا، شيمپو جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا ۽ اليڪٽرونڪس شين جي قيمتن ۾ 15 کان 20 رپيا واڌ جو امڪان آهي. سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان سوين ميڪ اپ جون شيون مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۾ واڌ سبب ڪپڙن جون درجنين شيون به مهانگيون ٿيڻ جو خدشو آهي

پنھنجي راءِ لکو