اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي والد کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٰٰ اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه جي گم ٿيل شهري هارون محمد جي ٻڌڻي ڪئي ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست تي حڪم جاري ڪيو. عدالت وفاقي حڪومت کي گم ٿيل شهري جي والد کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ 30 لک روپيه معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪي پي ڪي کي درخواستگذار کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ٰٰٰٰ

پنھنجي راءِ لکو