ملر ڏکڻ آفريقا کي اپ سيٽ شڪست کان بچائي ورتو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 16هين ميچ ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيڌرلينڊز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيو يارڪ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي نيڌرلينڊز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهي سگهي.
اينگل بريڪ 40، لوگان وان بيڪ 23، وڪرم جيت سنگهه 12 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڏکڻ آفريقا طرفان بارٽمين 4، جانسن ۽ نورجي 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم به ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ ان جون 12 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪِري پيون، پوءِ ملر ۽ سٽبس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو.
سٽبس 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر ملر ناقابل شڪست 59 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
ڏکڻ آفريقا گهربل هدف 18.5 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

پنھنجي راءِ لکو