شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ سوشل ورڪرن، صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، منهڙي ۾ صحافي ممتاز علي ملاح، عرفان علي ڏاهري، شمن علي ابڙو، غلام محمد ڀٽي، غلام شبير ڏاهري، غلام قادر ڏاھري، شعيب علي ملاح، محمد ايوب ملاح، راجا چانڊيو، عبدالله بروھي، عبيدالله بروھي، اصغر چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. هوڏانهن ڪشمور ۾ صحافي غلام فريد ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين دليپ ڪمار ڪيسواڻي، غلام حيدر پيرزادو، اصغر علي چاچڙ، محمد شريف ڄامڙو، ماجد علي مزاري، تاج کوسو سماجي اڳواڻن حاڪم علي ڀٽي، عطاءُ الله ڪنڀر، وزير احمد چنا، رفيق احمد چنا، راڻا غفار، ھدايت ﷲ جکراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي طرف خيرپور ۾ صحافي خان محمد، خادم جوڻيجو، غلام قادر سومرو،ثناءُ الله ميمڻ، شاهد نواز، سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته بهرام ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن جي اڳواڻي صحافي امير علي سيلرو، جنرل سيڪريٽري نصرالله پتوجو، سماجي اڳواڻ علي محمد کوسو، ظفر مگسي، صدام سهاڳ ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو ميڊيا سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آهي، حق سچ لکندڙ صحافين کي شھيد ڪيو وڃي ٿو، ھنن مطالبو ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر ،نصر الله گڏاڻي جي قاتل جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،

پنھنجي راءِ لکو