حج دوران سياسي نعرن تي پابندي: سعودي اختياريون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين چيو آهي ته حج دوران سياسي نعرا هڻڻ جي اجازت ناهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب رياض ۾ سعودي عرب جي حج بابت وزير توفيق الربيعه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حج عبادت لاءِ ڪنهن سياسي نعري لاءِ نه، تنهن ڪري حج دوران ڪنهن کي سياسي نعرو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو سعودي حڪومت يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته حج عاجزي، سڪون ۽ روحانيت جو اعليٰ ترين مظهر هجي، اسان امن يقيني بڻائڻ جا خواهشمند آهيون ته جيئن هر ڪو آساني سان پنهنجو حج ادا ڪري سگهي ٿي

پنھنجي راءِ لکو