ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل، روايتي مخالف پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ تيار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس نه ملندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف ميچ کان اڳ واحد پريڪٽس سيشن ڪانٽياگ پارڪ ۾ ڪندي.
گرين شرٽس جو پريڪٽس سيشن مقامي وقت موجب سڀاڻي منجهند ساڍي بارهين وڳي کان ساڍي ٽي وڳي تائين ٿيندو.
پاڪستاني وقت موجب پريڪٽس سيشن اڄ رات ساڍي نائين وڳي شروع ٿيندو.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم خميس جي رات ڊيلس کان نيو يارڪ پهتي هئي جنهن کانپوءِ ٽيم جمعي تي آرام ڪيو هو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ سڀاڻي نيو يارڪ ۾ ٿيندي جنهن کانپوءِ نيو يارڪ ۾ ئي پاڪستان ٽيم 11 جون تي ڪينيڊا سان مقابلو ڪندي

پنھنجي راءِ لکو