ايڪسائيز کاتي جو ٽيڪس نظام آن لائن ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ٽيڪس نظام آن لائن ڪرڻ ۽ ون لنڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پريميئم نمبر پليٽس جي تياري جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
ترجمان موجب پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ 10، گولڊ ڪيٽيگري ۾ 11 ۽ سلور ڪيٽيگري ۾ 10 پريميئم نمبرز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ کي پراپرٽي ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ ٻين اوڳاڙين تي به ڄاڻ وئي.
شرجيل انعام ميمڻ عملدارن کي پراپرٽي ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ ٻيا ٽيڪس هدف مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ۽ ڪوتاهي ڪندڙ ملازمن جي معطلي ۽ ٻي ڪارروائي جون هدايتون به ڪيون.
بريفنگ ۾ کيس ٻڌايو ويو ته هدف حاصل ڪرڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي 82 آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته عوام جي سهولت لاءِ ٽيڪس نظام جلد کان جلد ون لنڪ سان ڳنڍيو وڃي، ٽيڪس نظام سولو بڻائڻ لاءِ آن لائن ادائيگي جو نظام شروع ڪيو وڃي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڻ رجسٽرڊ نجي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ هڻڻ ڏوهه آهي ان بابت قانون سازي ڪئي ويندي، جعلي نمبر پليٽ جو ڏوهه ضمانت نه ٿيڻ جوڳو قرار ڏيڻ ۽ هڪ سال قيد جي سزا لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي

پنھنجي راءِ لکو