سمورن صوبن کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي: شازيا مري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس گهرائي ملڪي معاشي صورتحال کي ڏسندي حڪمت عملي ٺاهي وڃي.
*اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻ شازيه مري جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪيون، صدر زرداري جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل معاشي صورتحال جي نشاندهي ڪندي آهي، سمورن صوبن کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي، حڪومت کي گذارش آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس گھرايو وڃي، وفاق ۽ صوبن کي معاشي صورتحال ڏسي ڪري حڪمت عملي طئي ڪرڻ گھرجي.
پ پ اڳواڻ چيو ته مهانگائي ۾ حڪومت جي ترجيح عوام کي رليف ڏيڻ هجڻ گھرجي، اڻ برابري ختم ڪرڻ لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جو ڪم ڪرڻ ضروري آهي.

پنھنجي راءِ لکو