صبا قمر جي ڪيرئر ۾ سڀ کان وڏي غلطي ڪهڙي؟

پاڪستاني اداڪارا صبا قمر جو پهريون آئٽم سانگ ”مستاني“ 2014ع ۾ فلم 8969 لاءِ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
ان گاني جو ٽيزر منظرعام تي آيو ته ڏسڻ وارا حيران ٿي ويا ته اچانڪ صبا قمر کي ڇا ٿي ويو.
ان حوالي سان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته فلم 8969 جي هدايتڪار عظيم سجاد مونکي چيو هو ته گاني کي پرڏيهي ڊانسرز ۽ وڏي سيٽ تي سٺي ۾ عڪسبند ڪندو.
ذريعن موجب سيٽ تي پهچندي صبا کي مايوسي ٿي هئي، ان بعد صبا قمر سان ڪوڙو واعدو ڪيو ويو هو ته مستاني کي رليز نه ڪيو ويندو.
صبا فلم ”لاهور سي آگي“ ۾ به آئٽم سانگ ”قلاباز دل“ کي آئٽم سانگ قرار نه ڏنو هو.
اداڪارا هڪ انٽريو ۾ آئٽم سانگ جي تعريف ڪندي چيو ته آئٽم نمبر اهو هوندو آهي جنهن ۾ هيروئن يا ڇوڪري اڪيلي هوندي آهي، جڏهن هيرو اچي ويندو آهي ته آئٽم نمبر ناهي هوندو

پنھنجي راءِ لکو