آءِ سي سي نيو يارڪ اسٽيڊيم جي وڪيٽ معياري نه هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نيو يارڪ اسٽيڊيم جي وڪيٽ معياري نه هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته نيو يارڪ جي نسائو اسٽيڊيم جي وڪيٽ ۾ اهو تسلسل ناهي ڏٺو، جنهن جي سڀني کي اميد هئي، باقي ميچن لاءِ وڪيٽ جي ڪوالٽي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن.
آءِ سي سي موجب گذريل ڏينهن ختم ٿيندڙ ميچ کانپوءِ وڪيٽ جي درستگي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نيو يارڪ جي نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم جي وڪيٽ تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو