پاڪستاني ڪميونڪيشن سيٽلائيٽ زمين جي مدار ۾ پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو جديد ڪميونڪيشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين جي مدار ۾ پهچي ويو.
سپارڪو جي ترجمان موجب ملٽي مشن ڪميونڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون 5 جون تي زمين جي مدار ۾ پهتو، سيٽلائيٽ سپارڪو طرفان 30 مئي تي چنڊ تي موڪليو ويو هو.
پاڪ سيٽ ايم ايم ون زمين کان 38 هزار 786 ڪلوميٽر جي بلندي تي زمين جي مدار ۾ 38.2 ڊگري مشرق ۾ موجود آهي.
سپارڪو جي ترجمان موجب 5 ٽن وزني پاڪ سيٽ ايم ايم ون مواصلات جي جديد ترين اوزار سان ليس آهي، سيٽلائيٽ سان ملڪ ۾ تيز انٽرنيٽ جي سهولت ملندي.
ترجمان جو چوڻ هو ته مدار ۾ پهچڻ بعد سيٽلائيٽ جا سولر پينل استعمال ٿيڻ سروع ٿي ويا آهن، مدار ۾ سيٽلائيٽ جي صحت جاچڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا

پنھنجي راءِ لکو