ڪراچي: لياري ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري مان پيپلز بس سروس جي شروعات ٿي وئي آهي.
بس سروس جو افتتاح پيپلزپارٽي جي اسيمبلي جي ميمبر يوسف بلوچ ڪيو، بس سروس لياري،ملير 15 کان حب ريور روڊ تائين دستياب هوندي.
يوسف بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي واعدا پورا ڪندي آهي، لياري ۾ پيپلزپارٽي جي نمائندگي موجود آهي.

پنھنجي راءِ لکو