عمران خان کي جيل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون آهن؟ حڪومت تصويرون سامهون آڻي ڇڏيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان وڪيلن تائين پهچ نه ڏيڻ وارو بيان رد ڪري ڇڏيو.
وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي موقف جي ترديد ڪندي واڌو دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، انهن دستاويزن سان گڏ عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ وڪيلن سان ملاقات جون تصويرون پڻ شامل آهن.
حڪومتي اختيارين موجب، پي ٽي آءِ باني جو قيدِ تنهائي ۾ هجڻ وارو موقف به غلط آهي، ساڻس ملاقات ڪندڙن جي فهرست به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني سپريم ڪورٽ ۾ وڪلين تائين پهچ نه ڏيڻ جو موقف اختيار ڪيو، عدالت مناسب سمجهٿي ته سندن بيان جي حقيقت جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪميشن به مقرر ڪري سگهي ٿي.
حڪومتي نمائندن موجب، پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ ڪتابَ، ايئرڪولر ۽ ٽي وي سميت ضروري سهولتون ڏنيون ويون آهن.
حڪومت طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمران خان جي ڪمري ۾ ايئر ڪولر، ايل ايِ ڊي، اسٽڊي ٽيبل، آفيس ڪرسي ۽ ميٽريس جي سهولت موجود آهي جڏهن ته کيس ورزش واري مشين پڻ ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ باني جي سيل ٻاهران راهداري آهي جتي کيس واڪ ڪرڻ جي سهولت حاصل آهي جڏهن ته وٽس سيل ۾ ڊراءِ فروٽس ، چڻا، بادام، ڪولڊرنڪس، چاڪليٽ به موجود آهن

پنھنجي راءِ لکو