فيروز خان جي ٻي شادي جا ڀارت ۾ به چرچا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار، فنڪار، يوٽيوبر ۽ ماڊل فيروز خان ٻئين شادي ڪري ڇڏي آهي.
فيروز خان پاڪستان جو ناليوارو اداڪارا آهي، جنهن جيو انٽرٽينمينٽ ڊراما سيريل خاني ۽ خدا اور محبت ۾ ڪم ڪري گهڻي شهرت ڪمائي آهي.
اداڪار کي سپر هٽ ڊرامن سبب نا صرف پاڪستان پر ٻين ملڪن ۾ به سڃاتو ويندو آهي.
فيروز خان پنهنجي ٻين زال سان گڏ تصوير شيئر ڪري نا صرف پاڪستان پر سرحد پار به سرخين ۾ آهي.
ڀارتي ويبسائيٽ بالي ووڊ شاديز طرفان به فيروز خان جي ٻين شادي جي خوب ڪوريج ڏني آهي.
بالي ووڊ شاديز به پنهنجي سوشل ميڊيا تي به فيروز خان جي مهندي جي تقريب جي وڊيو کي شيئر ڪيو آهي، جنهن تي واهپيدار اداڪار سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته اداڪار فيروز خان جو نالو پاڪستاني اداڪارا سان ئي نه پر ڀارتي اداڪارا گٿيڪا سان گڏ به ورتو ويندو آهي،
هڪ پروجيڪٽ دوران فيروز خان ۽ گٿيڪا ۾ وڌندڙ ويجهڙائي جو ٻنهي ملڪن ۾ خوب چرچا آهن

پنھنجي راءِ لکو