دنيا جو سڀ کان وڏو سولر پلانٽ فعال ٿي ويو

شنچياگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سولر پلانٽ فعال ڪيو ويو آهي، پلانٽ ڇهه ارب ڪلو واٽ آور سان وڌيڪ بجلي سالياني کپت رکڻ وارن ننڍن ملڪن کي توانائي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
چين جي اتر اولهه شنچياگ جي ٿر واري علائقي ۾ قائم ٿيل فيسيليٽي ٻه لک ايڪڙ تي پکيڙيل آهي، اها ايراضي لڳ ڀڳ نيو يارڪ شهر جي برابر آهي.
سومر ڏهاڙي چين جي گرڊ سان جڙيل اهو 5 گيگا واٽ ڪمپليڪس لگزمبرگ جيتري وڏي وڏي ملڪ جي توانائي کي طلب پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
چين ملڪ کي شمسي توانائي طرف وٺي وڃڻ لاءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي،سال 2023 ۾ پنهنجي پيدواري صلاحيت 50 سيڪڙو تائين وڌائي آهي.
اهو نئون سولر فارم فعال ٿيڻ بعد چين ۾ ئي موجود ننگشيا ٽينگلي ۽ گولمڊ ووٽوميرن سولر پراجيڪٽس کي پوئتي ڇڏيندي دنيا جو سڀ کان وڏو فارم بڻجي ويو آهي.
انٽرنيشنل انرجي ايجنسي طرفان تازو ئي شايع ڪيل رپورٽ ۾ چين جي توانائي کي زبردست قرار ڏنو ويو آهي، رپورٽ موجب چين گذريل سال 2022ع ۾ سموري دنيا ۾ توانائي جي برابر شمسي توانائي پيدا ڪئي

پنھنجي راءِ لکو