تحرير : حامد مير
ٻن دشمنن پاڻ ۾ هٿ ملايو ۽ هڪ امن معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هر پاسي “مبارڪون مبارڪون” جا آواز اچڻ لڳا. مونکي انهن آوازن جي پويان ڪجھه آهون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا.مون انهن سڏڪن کي غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي.
پري، تمام پري کان ٻڌجندڙ انهن سڏڪن کي مون پنهنجو وهم قرار ڏئي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو منهنجو وهم نه هو. هي هڪ عورت جو آواز هو جيڪا درد ڀرئي انداز ۾ روئيندي پڇي رهي هئي ته آمريڪا، هي برطانيا، هي گڏيل قومون، هي مهذب دنيا اهي سڀ ته طالبان کي دهشتگرد چوندا هئا، پوءِ انهن دهشتگردن سان امن ڳالهيون به ٿيون ۽ هاڻي دوحا ۾ انهن سان امن معاهدو به ٿي ويو، هاڻي جيڪڏهن اهي دهشتگردن ناهن ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
مون تي به ته دهشتگردي جو الزام لڳايو ويو هو، توهان سڀني چيو هو ته آئون طالبان سان گڏجي آمريڪين تي حملي جي منصوبا بندي ڪندي هيس. هاڻي پڇو انهن طالبان کان ته مون ڪڏهن ۽ ڪٿي انهن سان گڏجي حملن جي منصوبا بندي ڪئي؟ مون غور ڪيو ته اهو ڊاڪٽر عافيه صديقي جو آواز هو. مون پنهنجي مٿي کي زور سان لوڏو ڏنو.
افغان طالبان جي نمائندي ملا عبدالغني برادر ۽ آمريڪي حڪومت جي نمائندي زلمي خليل زاد وچ ۾ امن معاهدي تي دوحا ۾ صحيح ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهو منظر ڏسي هڪٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا ۽ منهنجي ڪنن ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جو آواز گونجي رهيو هو، جيڪا دوحا کان هزارين ميل پري آمريڪا جي هڪ جيل ۾ 86 سال قيد جي سزا ڀوڳي رهي آهي.
هو صرف هڪ عورت نه پر هڪ الميو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جو ضمير اڃا به جيئرو آهي ته ان الميي جا سڏڪا توهان کي به ٻڌڻ ۾ ايندا. توهان به غور سان انهن سڏڪن کي ٻڌو. ڊاڪٽر عافيا صديقي توهان کان پڇي رهي آهي ته اي منهنجي پياري پاڪستان جا پيارا ماڻهئو! اڄ توهان دنيا کي وڏي فخر سان ٻڌائي رهيا آهيو ته جيڪڏهن پاڪستان مدد نه ڪري ها ته آمريڪا ۽ افغان طالبان ۾ امن معاهدو ڪڏهن نه ٿئي ها پر ٿورو مونکي اهو ٻڌايو ته ان امن معاهدي تحت آمريڪي ۽ افغان حڪومتون پنج هزار افغان طالبان قيدين کي آزاد ڪنديون ۽ طالبان هڪ هزار مخالف قيدين کي آزاد ڪندا، ڇا ان سڄي معاملي ۾ پاڪستان جا حڪمران پنهنجي قوم جي نياڻي کي آزاد ڪرائي نه پئي سگھيا؟ جن طالبان سان هٿ ملائي ورتو ۽ انهن سان امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، انهن لاءِ ڊاڪٽر عافيا صديقي اڃا تائين دهشتگرد ڇو آهي؟
ڊاڪٽر عافيه صديقي سان منهنجي ڪڏهن ملاقات ناهي ٿي، پر 29 فيبروري 2020ع تي دوحا ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي کانپوءِ ڪيئي پاڪستاني مونکان ان عورت جي باري ۾ پڇي رهيا آهن ته ڊاڪٽرعافيا صديقي ڪڏهن آزاد ٿي رهي آهي؟ منهنجو به عجيب معاملو آهي.
مونکي نوبيل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسف زئي جو حامي به سمجھيو ويندو آهي جنهن تي طالبان سوات ۾ حملو ڪيو هو ۽ مونکي ڊاڪٽر عافيه صديقي جو همدرد به چيو ويندو آهي، جنهن کي آمريڪا دهشتگرد قرار ڏنو.
شايد ان جو سبب اهو آهي ته2003ع ۾عمران خان اهو پهريون شخص هو جنهن جيو نيوز تي منهنجي پروگرام ڪيپٽل ٽاڪ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي اغو اتي ان وقت جي گھرو وزير فيصل صالح حيات آڏو احتجاج ڪيو هو. ان ٽي وي پروگرام ۾ پاڪستان جي گھرو وزير ڊاڪٽر عافيه صديقي کي هڪ خطرناڪ عورت قرار ڏنو هو، جنهن مان واضح ٿي ويو ته اها عورت اسان جي حڪومت جي تحويل ۾ ناهي.
پوءِ عمران خان هر هر عافيه صديقي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو پر ان جو ڪو پتو نه پيو، عافيه صديقي جي معاملي تي انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن گھڻو آواز ناهي اٿاريو، ڇو جو جنرل پرويز مشرف جي “روشن خال” حڪومت پنهنجي ڏوهن کي دهشتگردي خلاف جنگ قرار ڏئي پنهنجي هم وطنن کي بيوقوف بڻائيندي هئي.
عافيه صديقي جي باري ۾ اها پروپيگينڊا ڪئي وئي ته اها پاڪستاني شهري به ناهي پر آمريڪي شهري آهي. پوءِ عافيه جي امڙ عصمت صديقي مونکي ڪراچي پنهنجي گھر گھرائي ڌيءَ جو پاڪستاني پاس پورٽ ڏيکاريو جنهن تي آمريڪا جي ويزا موجود هئي ته اها دعويٰ غلط ثابت ٿي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي آمريڪي شهري هئي.
اهو به چيو ويو ته عافيه صديقي پنهنجي اڳوڻي مڙس امجد خان کان طلاق وٺي القاعده جي ڪنهن دهشتگرد سان شادي ڪري ورتي هئي پر اهو الزام به ڪٿي ثابت نه ٿي سگھيو. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڏکياين جي شروعات آڪٽوبر 2002ع ۾ پنهنجي مڙس کان عليحدگي کانپوءِ ٿي. ان جي اڳوڻي مڙس جي دعويٰ آهي ته هو 2003ع ۾ گرفتار نه ٿي هئي بلڪه پاڻ ئي گم ٿي وئي هئي. جڏهن ته 30 مارچ 2003ع تي پوليس جي وردي پاتل ماڻهن ان کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ته گھڻن ماڻهن اها گرفتاري پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ اڳلي ڏينهن اها خبر ڪراچي جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇپي به هئي.
عصمت صدقي جن شخصيتن ذريعي پنهنجي ڌيءُ جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون انهن مان ان وقت جو سينيٽ چيئرمين ميان محمد سومرو به شامل آهي، جنهن کي اهو چيو ويو ته ٿورن ڏينهن ۾ عافيه کي ڇڏيو ويندو، پر پوءِ ان جي گمشدگي هڪ ڳجھارت بڻجي وئي.
هي هڪ عافيه جي ڪهاڻي ناهي. مشرف جي دور ۾ علي اصغر بنگلزئي ۽ زرينه مري سميت سوين ماڻهن جي گمشدگي به ڳجهارت بڻجي وئي ۽ انهن مان اڪثر جو اڄ تائين پتو ناهي. عافيه جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ جولاءِ 2008ع ۾ آيو. مشرف جو اقتدار ختم ٿيڻ کان صرف هڪ مهينو اڳ آمريڪي حڪومت دعويٰ ڪئي ته عافيه کي افغانستان جي شهر غزني مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جتي هو طالبان سان گڏجي حملن جي منصوبا بندي ڪري رهي هئي.
عافيه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. سيپٽمبر 2010ع ۾ عافيه تي ڪيس هلايو ويو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته ان هڪ آمريڪي فوجي کان رائفل ڦري ان تي گولي هلائي پر اهو بچي ويو.
عافيه خلاف 9 شاهدن کي پيش ڪيو ويو جن ۾ هڪ افغان شهري احمد گل به شامل هو پر ڪنهن رائفل تي عافيه جا فنگر پرنٽ ثابت نه ٿي سگھيا. 14 ڏينهن جي ٽرائل دوران عافيه هر هر ٻڌايو ته ان تي آمريڪين تشدد ڪيو آهي ان ڪري عدالتي ڪارروائي ۾ خلل وجھڻ جي الزام ۾ ان کي عدالت مان ڪڍيو ويو ۽ صرف اقدام قتل جي الزام ۾ 86 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
هي قيد 30 آگسٽ 2083ع ۾ ختم ٿيندي. عافيه جي آزادي لاءِ پاڪستان جي قومي اسيمبلي 21 آگسٽ 2008ع تي پهرين قرارداد منظور ڪئي، ان وقت يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ۽ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير هو.
سينيٽ عافيه جي آزادي لاءِ 15 نومبر 2018ع ۾ قرارداد منظور ڪئي ته ٻيهر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هو. دوحا ۾ امن معاهدو ٿيو ته اتي به قريشي صاحب موجود هو ۽ معاهدي جو ڪريڊٽ عمران خان ي ڏئي رهيو هو.
اهو ئي عمران خان جنهن 2003ع ۾ سڀ کان پهرين عافيه صديقي لاءِ آواز اٿاريو هو اهو اڄ پاڪستان جو وزيراعظم آهي. عافيه ڪجهه وقت اڳ جيل ۾ هيوسٽن جي پاڪستاني قونصل جنرل کي عمران خان جي نالي هڪ خط به ڏنو.
خبر ناهي اهو خط خان صاحب تائين پهتو يا نه پر عافيه جا سڏڪا گھڻن ماڻهن تائين پهچي رهيا آهن.
هو پڇي رهي آهي ته مون تي ڪنهن هڪ انسان جو قتل به ثابت ناهي ٿيو، مونکي 86سالن لاءِ قيد ۾ رکيو ويو ۽ جيڪي آپگھاتي حملن جون ذميواريون قبول ڪندا رهيا آهن انهن سان امن معاهدو ٿي ويو، ڇا منهنجو قصور صرف اهو آهي ته آئون پاڪستاني آهيان؟
روزاني جنگ جي ٿورن سان
ترجمو سماچار سٿ