چوري جا پيسا لڪائڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڪورونا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي

0 66

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي،  دنيا ڪورونا سان پئي وڙهي ۽ هتي مخالف ڌر تماشو بڻائي رکيو آهي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي سياسي،  معاشي ۽ گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾وُفاقي وزير حماد اظهر معاشي صورتحال تي ترجمانن کي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته معاشي ڏهائي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ بهتر ٿي رهي آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري مان به حوصلي جوڳا انگ اکر سامهون آيا آهن پر معاشي ٽيم کي چيو آهي ته صنعت جي بهتري لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

اجلاس ۾ مخالف ڌر جي طرفان جلسي جلوس ۽ حڪومت مخالف مهم تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪورونا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪو به سياسي فرق نه پوندو، چوري جا پيسا لڪائڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڪورونا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي، دنيا ڪورونا سان وڙهي رهي آهي ۽ هتي تماشو پيو بڻايو وڃي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form