”آصفه ڀٽو زرداري پي ڊيم ايم ملتان جي جلسي کي خطاب ڪندي“

0 64

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وائس چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي ملتان ۾ ٿيندڙ جلسي کي خطاب ڪندي.

بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ بلاول جي ڀيڻ آصفه ڀٽو جو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پهريون خطاب هوندو ۽ هو 30 نومبر تي پنهنجي ڀاءُ جي نمائندگي ڪندي.

پي ڊي ايم جو ايندڙ جلسو 30 نومبر تي ملتان ۾ ٿيندو ۽ انهيءَ ڏينهن پيپلز پارٽي جو يوم ياسيس به آهي.

تنهن هوندي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ جي ڪري يوم تاسيس جي موقعي تي ٿيل ان جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو پر هن ويڊيو لنڪ جي ذريعي جلسي کي خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 30 نومبر تي پيپلز پارٽي جو يوم تاسي آهي، ان ڏينهن آصفه ڀٽو زرداري به ملتان ايندي ۽ پي ڊي ايم جي ملتان جلسي کي خطاب ڪندي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form