ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا

0 78

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3300 کان وڌيڪ نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 45 هزار 999 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 3306 جا نتيجا هاڪاري آيا، جڏهن ته ڪورونا سبب وڌيڪ 40 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 3 لک 86 هزار 198 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين مجموعي طور 7 هزار 843 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1418 مريضن  ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form