نيوزيلينڊ جي دوري تي موجود قومي ٽيم جي 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ سيريز خطري ۾ پئجي وئي آهي

0 91

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ موجود انهن 6 قومي ڪرڪيٽرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، جن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي. پي سي بي ذريعن موجب نيوزيلينڊ دوري لاءِ ويل قومي اسڪواڊ ۾ جن رانديگرن کي ڪورونا ٿي آهي، انهن ۾ سرفراز احمد، روحيل نذير، نسيم شاهه، دانش عزيز، عابد علي ۽ محمد عباس شامل آهن. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي دوري تي موجود قومي ٽيم جي 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ سيريز خطري ۾ پئجي وئي آهي ۽ نيوزيلينڊ اختيارين پاڪستان کي آخري وارننگ جاري ڪئي آهي. نيوزيلينڊ جي صحت اختيارين ڪورونا جي حوالي سان ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني اسڪواڊ کي آخري وارننگ ڏني آهي ۽ پاڪستاني ٽيم مئنيجمينٽ کي سڀني ميمبرن کي ڪمري تائين محدود رهڻ ۽ پابند بڻائڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ٽيم جي ڪجهه ميمبرن کي سي سي ٽي وي تي آئسوليشن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏٺو ويو.قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ هلندڙ هفتي ئي نيوزيلينڊ پهتي آهي، جتي سيريز کان اڳ قومي ٽيم کي ٻه هفتا قرنطينه ۾ رهڻو آهي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form