اسلام آباد سي ڊي اي متعدد غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۽ سوسائيٽين جا دفتر سيل ڪري ڇڏيا

0 198

اسلام آباد(بيورو چيف)وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) هائوسنگ سوسائيٽين ۽ اسڪيمن جي مالڪن کي سي ڊي اي ۽ آئي سي ٽي زون ريگوليشن  سختي سان عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويوآهي جنهن تحت متعدد غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۽ سوسائيٽين جون آفيسون سيل ڪري ڇڏيون آهن، انهن سوسائٽين ۾ عائشه ٽائون، اسلام آباد ڪوآپريٽو هائوسنگ اسڪيم، گلف ريزيڊنشيا، رائل سٽي ، رائل ريزيڊنشيا ، ڊريم لينڊ سٽي، بابر انڪليو، آئيڊيل ريزيڊنشيا ، راول انڪليو، يار محمد سوسائيٽي جا دفتر سيل شامل آهن، مذڪوره هائوسنگ اسڪيمن جي آفيس سيل ڪرڻ جو مقصد سي ڊي اي کان منظوري (اين او سي )کان بغير ڊيوليپمينٽ جي حوصله شڪني ڪرڻ آهي ته جيئن ڪنهن به اسڪيم جي تعميرات  سي ڊي اي جي قانون ۽ ضابطن جي مطابق هجي ته جيئن ماڻهن کي معياري رهائشي سهولتون مهيسر ٿي سگهن ۽ خريدارن جي سرمائيڪاري جي حفاظت ٿي سگهي ، ان سان گڏو گڏ سي ڊي اي کي مالي فائدو به حاصل ٿي سگهي واضع رهي ته 1992 ۾ آئي سي ٽي زوننگ ريگوليشن جي تحت اسلام آباد کي پنج زونن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، زوننگ ريگوليشن تي تحت زون 1 جي سيڪٽر جي A11، زون 2 ۽ زون 5 ۾ هائوسنگ اسڪيمن جي پلاننگ تحت  تعمير ڪئي وڃي،  زوننگ ريگوليشن ۾ 2010 ۾ سي ڊي اي ترميم ڪئي ۽ زون 4 ۾ اينگرو فارم اسڪيم سان گڏوگڏ هائوسنگ اسڪيم جي به اجازت ڏني وئي هئي ، تاهم زون 4 کي مزيد 4 زون ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، في الحال نجي اسڪيمن جي پلاننگ ۽ تعمير SRO64(1)2020 جي تحت ڪئي ويندي  آهي، ۽ سي ڊي اي جي ٻن ڊائريڪٽوريٽس انکي ريگوليٽ ڪنداآهن، شعبه هائوسنگ زون 2 ۽ زون 5 جڏهن ته ريجنل پلاننگ ڊائريڪٽوريٽ جي زون 4 جي اسڪيمن کي پلاننگ  ۽ ڊيولپيمينٽ کي ريگوليٽ ڪندو آهي جڏهن ته غير قانوني اسڪيمن جي سدباب جي لاءِ سي ڊي اي بورڊ ۾ تجويز به ڏني ويندي آهي، جنهن جي تحت اسڪيمن کي ريگولر يشن ۽ نئي تعميرات کي روڪڻ شامل آهي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form