يئر چيف مارشل مجاهد انور خان جي صدارت ۾ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن ۾ 47 وين سالانه جنرل ڪونسل جو اجلاس منعقد ٿيو

0 51

اسلام آباد(بيورو چيف)ايئر هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جي صدارت ۾ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن ۾ 47 وين سالانه جنرل ڪونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، ان اجلاس ۾ اسڪوائش جي عظيم رانديگرن کان علاوهه صوبائي اسڪوائش ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسپورٽ بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي ، جنرل ڪونسل جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ايئر چيف تمام شرڪت ڪندڙن جو شڪريه ادا ڪيو ۽ اسڪوائش جي راند کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، هن ايسوسيئيشن جي ميمبرن تي زور ڏيندي چيو ته هو باقائدگي سان تربيتي ڪيمپن ۽ ٽورنامينٽ جي انعقاد جي ذريعي اسڪوائش کي فروغ ڏيڻ سان گڏو گڏ مختلف اسپانسرشپ ۽ اسڪالرشپ پروگرام جي ذريعي رانديگرن جي حوصله افرائي ڪن، هن رانگيرن کي قومي۽ بين الاقوامي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ راندين جي طرف توجه ڏيڻ ۽ پنهنجي ذهني ۽ جسماني استعداد وڌائڻ تي به زور ڏنو ، جنرل ڪونسل جي اجلاس ۾2019-20 ۾ پاڪستاني رانديگرن کي قومي۽ بين الاقوامي مقابلن ۾ ڪارڪردگي جو جائزو ورتوويو، صدر پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن اسڪوائش جي راند کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ گران قدر خدمات سرانجام ڏيڻ تي پنجاب اسڪوائش ايسوسيئيشن کي پرائوڊ آف پرفارمنس ٽرافي سان پڻ نوازيو ويو جڏهن ته خيبر پختون خواهه اسڪوائش ايسوسيئيشن رنر اپ  کي حقدار ٿري نائب صدور جي تقرري جي لاءِ به ميِٽنگ جي دوران انتخاباب جو انعقاد ڪيو ويو. جناب قمر زمان کي خيبر پختون خواهه ايسوسيئيشن پاران جڏهن ته جناب  عدنان اسد کي سنڌ اسڪواش ايسوسيئيشن جو متفقه طور تي ايندڙ چار سالن جي لاءِ نائب صدر منتخب ڪيو ويو آهي.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form