نيول چيف اقبال جي فلسفه اسلام کي عالمگير ۽ مسلم امه ۾ اتحاد کي اجاڳر ڪرڻ تي زور ڏنو

0 50

اسلام آباد (بيوروچيف) بحريه يونيورسٽي اسلام آباد ڪيمپس ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اقبال جي قرآني فڪر جي اهميت جي حوالي سان اسلام آباد ۾ 25 نومبر 2020 تي ٻه روزه بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو آهي ان ڪانفرنس جو مقصد علامه اقبال کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي اقبال جي فلسفي کان روشناس ڪرڻ آهي ، چيف آف دي نيول اسٽاف  ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ڪانفرنس جو مهمانِ خصوصي هيو جنهن ڪانفرنس کي افتتاحي سيشن کي ويڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪيو ان ڪانفرنس ۾ ملڪ جا ناليوار شخصيتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سينيٽر وليد اقبال ترڪي جو سفير احسان مصطفيٰ يردهه قل ، ايران جي سفير محمد علي حسين  ، ڊائريڪٽر اقبال اڪيڊمي ڊاڪٽر بصيرهه امبرين ، پروفيسر ڊاڪٽر معين الدين نظام ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي شرڪت ڪئي ڪانفرنس دوران تعليمي مشڪن جي ذريعي فلسفه اقبال کان اسلامي رياستن جي عملي رهنمائي جي حصول تي پڻ غور ڪيو ويو ، مقررين علم جي ذريعي پاڻ کي با اختيار بڻائڻ لاءِ تصور تي اظهارِ خيال ڪيو ان موقعي تي مهمانِ خصوصي محمد امجد خان نيازي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن کي فڪري گفتگو کان مستفيد ٿيڻ تي زور ڏنو امير البحر نوجوان شاگردن کي اقبال جي پيغام کي پنهنجي عملي زندگي ۾ نافظ ڪري اقبال جا شاهين بڻجڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي روشني وڌي، ان کان اڳ ريڪٽر بحريه يونيورسٽي وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت مقررين ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ جو شڪريه ادا ڪيو ۽ ان عزم جو اعادهه ڪيو ته اقبال جي فلسفي جي روشيني ۾ بحرين يونيورسٽي نوجوان نسل جي تربيت لاءِ اهم ڪردا ادا ڪندي .

 

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form