پاڪستان سميت 13 مسلم ملڪن لاءِ گڏيل عرب امارتن جون ويزائون معطل

0 52

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان سميت 13 مسلم ملڪن جي شهرين لاءِ نيون ويزائون جاري ڪرڻ جو عمل روڪي ڇڏيو.

گڏيل عرب امارتن جي هڪ سرڪاري ڪاروباري پارڪ طرفان جاري ڪيل هڪ دستاويز موجب امارتي رياست گهٽ ۾ گهٽ 13 ملڪن جي شهرين لاءِ نيون ويزائون جاري ڪرڻ جو عمل روڪي ڇڏيو آهي.

امارات جي هڪ بزنس پارڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي موڪليل ان دستاويز ۾ ايميگريشن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 18 نومبر کانپوءِ افغانستان، ليبيا ۽ يمن سميت 13 ملڪن ۾ موجود ماڻهن لاءِ نئين ملازمت ۽ وزٽ ويزا جون درخواستون معطل ڪيون ويون آهن.

روئٽرز ان دستاويز جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اهي ويزا پابنديون 18 نومبر کان عمل ۾ اچي چڪيون آهن ۽ انهن تي ايندڙ نوٽيس تائين عمل ڪيو ويندو.

دستاويز موجب ان ويزا بين ۾ الجزائر، ڪينيا، عراق، لبنان، پاڪستان، تيونس، ترڪي ۽ ايران به شامل آهن.

رپورٽن موجب گڏيل عرب امارتن جي سڃاڻپ ۽ شهريت بابت فيڊرل اٿارٽي فوري طور ان معاملي تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form