ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ تعليمي سرگرميون 26 نومبر کان 10 جنوري تائين معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

0 32

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ تعليمي سرگرميون 26 نومبر کان 10 جنوري تائين معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا وائرس جي ٻي لهر سبب سمورن سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سڀاڻي کان 10 جنوري تائين تعليمي سرگرميون بند رهنديون ۽ انهن ۾ سياري جون موڪلون به شامل هونديون.

پڌرائيءَ موجب آن لائين ٽيلي لرننگ ۽ هفتيوار اسائنمينٽ اِيميل توڙي واٽس اپ ذريعي جاري ڪيا ويندا، يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو خاص اسٽاف حاضر رهندو ۽ ٻيا ملازم فون ڪال ذريعي گهرايا ويندا، جڏهن ته يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ داخلا فارم وصول ڪيا ويندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته صورتحال بهتر ٿي وئي ته 11 جنوري کان تعليمي ادارن کي کوليو ويندو.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form