نواز شريف جو لنڊن جي اسپتال ۾ طبي معائنو

0 38

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ دل جو معائنو ڪرايو آهي.

اسپتال ۾ طبي معائني لاءِ ايندي نواز شريف سان گڏ سندس ذاتي ڊاڪٽر عدنان ۽ پٽ حسين نواز به هو.

ڊاڪٽر عدنان موجب اسپتال ۾ نواز شريف جو تفصيلي معائنو ڪيو ويو ۽ هو جلد ٻيهر اسپتال ويندو، نواز شريف جو وڌيڪ طبي معائنو ۽ مشاورت به شيڊيول آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طبي بنيادن تي ضمانت تي گذريل سال نومبر کان لنڊن ۾ موجود آهي ۽ وقت وقت سان طبي معائني لاءِ اسپتال ويندو رهندو آهي

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form