سنڌ جي نوجوان آفتاب علي جي چين ۾ منقعد ٿيل“ورلڊ پانڊا يوٿ رپورٽرز ڪيمپ” ۾ شرڪت

0 51

ڪراچي (پريس رليز) چين جي صوبي سچوان جي گادي واري شهر ڇنگدو ۾ ورلڊ پانڊا يوٿ رپورٽرز ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڇهه ملڪن جي نوجوانن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻن نوجوانن آفتاب علي ۽ زيد احمد پڻ شرڪت ڪئي، جن کي شهر جي سونهن، صنعت، تاريخ، ٽيڪنالوجي، راند ۽ تفريح جهڙن ڇهه موضوعن تي ڇنگدو جو دورو ۽ انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن بعد ٻئين پاڪستاني نوجوان روايتي چيني ثقافت جي تحفظ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ پراميد آهن، ان موقعي تي آفتاب علي ۽ زيد احمد جو چوڻ هو ته پنهنجي ڪميونيڪيشن صلاحيت ۾ اضافو آڻڻ ۽ چيني معاشري بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيمپ ۾ حصو ورتو آهي، هن ڪيمپ ۾ پوري دنيا مان آيل ماڻهن سان دوستيون وڌائڻ جو موقعو پڻ مليو، جڏهن ته چيني جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي رفتار کي پڻ دل طور سان محسوس ڪيو، مستقبل ۾ منهنجي ڪريئر جي منصوبابندي لاءِ هي ڪيمپ انتهائي اهم ثابت ٿيندي، سيپيڪ بابت سندن چوڻ هو ته اهو منصوبو چين ۽ پاڪستاني نوجوانن تي تمام اثرانداز ٿي رهيو آهي، هي منصوبو اسان جهڙي نوجوانن لاءِ تمام گهڻا موقعا کڻي آيو آهي، جيڪي مختلف پهلوئن ۾ آهن، هنن چيو ته چيني ماڻهن جي مهمان نوازي قابل تعريف آهي، حڪومت پڻ جو به اسان انتهائي سٺو رويو رهيو آهي، هنن چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جا معمار آهن، هن قسم جا پروگرام يا سي پيڪ جهڙا منصوبا يا ٻنهي ملڪن جي نوجوانن جي هڪٻئي ڏانهن اچ وڃ ۽ رواداري سان ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڊگهي ۽ گڏيل خوشحالي آڻيندي، واضح رهي ته آفتاب علي ٻٻر دادو ضلعي جي تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جو رهواسي آهي، جنهن جو تعلق هڪ پورهيت گهراڻي سان آهي، سندس والد هن وقت به خيرپور ناٿن شاهه ۾ ويلڊنگ جو دڪان هلائيندو آهي، جيڪو پنهنجي والدين جي محنت سان ۽ پنهنجي ڪوشش سان چين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اتي ٿيندڙ مختلف قسمن جي تعليمي، ماحولياتي، اسپورٽس ۽ صحافت سان لاڳاپيل سيمينارن ۽ مقابلن ۾ شرڪت ڪري پنهنجي والدين ۽ وطن جو نالو روشن ڪندو رهي ٿو.

Leave a reply

Note Before Comment Form

Note After Comment Form