Category Archive Page Title

تازه خبرون

گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو: بلاول ڀٽو زرداري

گلگلت (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ اسان جو آخري جلسو هو پر روڪيو ويو، فيصلو نه وڻڻ باوجود تسليم ڪري رهيو آهيان. گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو شروع کان مطالبو…

پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد سيٺ ڪورونا سبب فوت

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد سيٽ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيف جسٽس وقار احمد سيٺ ڪورونا جي مرض ۾ مبتلا هو. جسٽس وقار احمد سيٺ اسلام آباد جي ڪلثوم انٽرنيشنل…

پاڪستان ۽ ايران ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد :  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ملاقات ڪئي.…

حڪومت پاران تعميراتي شعبي لاءِ وڏي مراعتي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جو آغاز

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران تعميراتي شعبي لاءِ هڪ وڏي مراعتي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي تعميراتي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ ان سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واضح گهٽتائي متوقع آهي. نئون…

”هندستان جي ورڇ کان وٺي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن“

رياض(ويب ڊيسڪ) جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته ڀارتي فاشسٽ قيادت ڪشميرين کي مارڻ، دٻائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جي بدران ڪشمير مسئلو  ڪشميرين جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ حل ڪري. پاڪستاني سفارتخاني جي تحت رياض ۾…

فرانسيسي صدر خلاف بنگلاديش ۾ هزارين ماڻهن جو احتجاج

ڍاڪا  :   بنگلاديش جي تخت گاهه ڍاڪا ۾ هزارين ماڻهن فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. مقامي ميڊيا موجب احتجاج ڪندڙن جو انگ 10 هزارن جي ويجهو هو، جن ميڪرون خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته هو اسلام بابت پنهنجا…

پشاور ڌماڪي جي شهيدن ۽ زخمين لاءِ امداد جو اعلان

پشاور :  خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان پشاور ڌماڪي جي شهيدن ۽ زخمين لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو. محمود خان پشاور جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ شهيدن لاءِ هر هڪ 5 لک رپيا، جڏهن ته زخمين کي 2-2 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس…

وزيراعظم نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد  :  وزيراعظم عمران خان 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون واري وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ فنانس ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ…

تازي دهشتگردي، پاڪستان ڀارت جي ملوث هجڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو

اسلام آباد  :  پاڪستان گستاخ خاڪن جي معاملي تي فرانس مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس مان پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ گهرائڻو پيو ته گهرائينداسين،…

دهشتگرد واقعا، سنڌ پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور ڌماڪي کانپوءِ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر صوبي ۾ پوليس کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته صوبائي سطح تي سيڪيورٽي جا سمورن انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي آهي ته…