وزيراعظم جو عسڪري قيادت سان گڏ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عسڪري قيادت سان گڏ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پڌرائيءَ موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان گڏ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل نديم رضا، آرمي…

سکر ۾ مسافر وين اونڌي، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب سکر جي علائقي سانگي ۾ مسافر وين اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به…

افغانستان ۾ وري رتوڇاڻ، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 34 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀر صوبي غزني ۾ اڄ آچر ڏينهن هڪ فوجي اڏي تي آپگهاتي ڪار حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. ٻئي حملي ۾ افغانستان جي ڏکڻ حصي ۾ هڪ آپگهاتي بمبار زابل صوبي جي صوبائي سربراهه جي گاڏين جي قافلي…

ڀارت کي ٻي ون ڊي ۾ به عبرتناڪ شڪست، سيريز آسٽريليا جي نانءِ

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻي ون ڊي ميچ ۾ به ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي بالرن کي ڪُٽي ڪُٽي بي سَتو ڪري ڇڏيو. آسٽريلوي ٽيم…

ايران جو انتهائي اهم سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جو سربراهه قتل

هران (ويب ڊيسڪ) ايران جي انتهائي اهم ۽ صف اول جي سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جي سربراهه 59 سالن جي محسن فخري زادي کي راڄڌاني جي علائقي دماوند ۾ قتل ڪيو ويو. عالمي خابرو اداري موجب ايران ۾ ”بابائي ايٽم بم“ جي نالي سان شهرت رکندڙ جوهري سائنسدان…

چوري جا پيسا لڪائڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڪورونا جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي،  دنيا ڪورونا سان پئي وڙهي ۽ هتي مخالف ڌر تماشو بڻائي رکيو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي سياسي،  معاشي ۽ گڏيل…

”آصفه ڀٽو زرداري پي ڊيم ايم ملتان جي جلسي کي خطاب ڪندي“

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وائس چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي ملتان ۾ ٿيندڙ جلسي کي خطاب ڪندي. بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ بلاول جي…

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3300 کان وڌيڪ نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 45 هزار 999 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 3306 جا نتيجا…

نيوزيلينڊ جي دوري تي موجود قومي ٽيم جي 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ سيريز خطري ۾…

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ موجود انهن 6 قومي ڪرڪيٽرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، جن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي. پي سي بي ذريعن موجب نيوزيلينڊ دوري لاءِ ويل قومي اسڪواڊ ۾ جن رانديگرن کي ڪورونا ٿي آهي، انهن ۾ سرفراز احمد، روحيل نذير،…

اسلام آباد سي ڊي اي متعدد غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۽ سوسائيٽين جا دفتر سيل ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو چيف)وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) هائوسنگ سوسائيٽين ۽ اسڪيمن جي مالڪن کي سي ڊي اي ۽ آئي سي ٽي زون ريگوليشن  سختي سان عمل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويوآهي جنهن تحت متعدد غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۽ سوسائيٽين جون آفيسون سيل ڪري…