شاھ عڀداللطيف يونيورسٽي ۾ غذائيت جي سنڀال,حصيداري ۽ جدت بابت نمائش ۽ سيمينارـ


الطاف ابڙو
غذائيت انسانن کي انهن جي غذا ۽ زندگي بابت باخبر فيصلا ڪرڻ لاءِ ضروري ڄاڻ مهيا ڪري ٿي , هڪ فرد جي غذائي ضرورتن جو جائزو انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ذاتي منصوبي جي ترقي، ۽ ڪامياب عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ مدد ڪري ٿو ,جڏھن تـ مجموعي صحت ۽ خوشحالي کي برقرار رکڻ لاء غذائي سنڀال ضروري آهي. هڪ سٺي متوازن غذا جسم کي ضروري غذائي اجزاء، وٽامن ۽ معدنيات مهيا ڪري ٿي ته جيئن مناسب طريقي سان ڪم ڪار ڪري سگهجي ـ غذائيت جي سنڀال اسان جي زندگين جو هڪ اهم پاسو آهي جيڪو مجموعي صحت ۽ خوشحالي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان جي غذائيت تي ضابطو آڻڻ سان، اسان پنھنجي صحت جي نتيجن کي بھتر ڪري سگھون ٿا، توانائي جي سطح کي وڌائي پنھنجي زندگي جي معيار کي وڌائي سگھون ٿا. ياد رکو، اهو هڪ ذاتي سفر آهي جنهن کي صبر، لگن، ۽ حمايت جي ضرورت آهي. تنهن ڪري، اڄ پهريون قدم کڻو ۽ پنهنجي غذائيت جي سنڀال جو سفر شروع ڪريوـ
شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ “غذائيت جي سنڀال” کي فروغ ڏيڻ لاءِ يورپي يونين سان گڏجي ٻن ڏينهن جي نمائش ۽ ڪانفرنس منعقد ٿي ـ جنهن جو عنوان “غذائيت جي سنڀال سان گڏ تجربو. حصيداري ۽ جدت جي نمائش” ھو .انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (IRC) پاران منظم ڪيل، هي تاريخي واقعو سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن، اين جي اوز ۽ يونيورسٽي کي گڏ ڪيو ته جيئن غذائيت جي سنڀال جي اهم مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ ويبنرز، پينل بحث، ٿيٽر پرفارمنس، ميوزڪ پرفارمنس، ۽ سرڪاري اسٽيڪ هولڊرز، اين جي اوز، پاران پيش ڪيل اسٽال شامل رھيا
تقريب ۾ خوراڪ ۽ غذائيت بابت آگاهي بابت معلوماتي اسٽالن جو هڪ سلسلو جوڙيو ويو جنهن ۾ مختلف تنظيمن شرڪت ڪري 24 کن اسٽال قائم ڪيا ويا، جن ۾ يونيورسٽي جي شعبن ۽ معروف اين جي اوز جهڙوڪ آء آر سي ـ ايم اي آر ايف ـ ناري فائوڊيشن ـ پي پي ايڇ آء سيوا ڊولپمينٽ ٽرسٽ ـ وليج ڊولپمينٽ ـ سوشل ويلفئر ڊپارٽمينٽ سنڌ ـ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ ، ٻيلي کاتي کان علاوھ کاڌي پيتي ۽ ريڊيمينٽ ڪپڙن ۽ غذائيت جي کوٽ وارن ٻارن لاء دوائون ۽ صحت مند بنائڻ لاء مشورا ڏيندڙ ماھر موجود ھئا ـ ھٿ جي ھنر جا پڻ اسٽال لڳايل ھئا جنھن تي تمام گھڻي رڇ نظر آئي ـ ـ ھن ٻن ڏينھن واري نمائش جو افتتاح شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي فرسٽ سيڪريٽري ۽ ڊولپمينٽ ايڊوائيزر فار نيوٽريشن ڊاڪٽر ڪارلو ڊي روزا ۽ آء آر سي جي رانو مل گڏيل طور ربن ڪٽي ڪيو ـ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ سوسائيٽي سينٽر جي ھال ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ چيو تـ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ هن ميگا ايونٽ جي ميزباني ڪرڻ تي اسان آء آر سي ۽ يورپي يونين جا ٿورائتا آھن جنھن اسان جي يونيورسٽي کي منتخف ڪيو .
ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ وڌيڪ چيو تـ سماج ۾ غذائيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ صحتمند ۽ مثبت ذهنيت سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن اھو اعلان بـ ڪيو ته قانوني منظوري ملڻ کانپوءِ لاڳاپيل کاتي ۾ غذائيت جو ڪورس ڪرايو ويندو.
ڊاڪٽر خشڪ آ۽ آر سي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر محترمه شبنم بلوچ ۽ ڊاڪٽر رانو مل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تقريب جي انعقاد ۾ اسٽوڊنٽس سوسائٽي سينٽر جي انچارج علي رضا لاشاري جي سهڪار جي تعريف ڪئي . ڊاڪٽر ڪارلو ڊي روزا تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي وائيس چانسلر جا ٿورا مڃيا ۽ غذائيت ۽ غذائيت جي پاليسي بابت قانون سازي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ڪارلوڊي روزا کي سنڌي ٽوپي , اجرڪ ۽ مختلف اسٽالن جي ماڻھون گفٽون پڻ ڏنيون ـ جنھن ھن دل سان شڪررو ادا ڪيو ـ ان سموري تقريب ۾ آيل مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن کي سنڌي ۽ لوڪ موسيقيءَ جي شاندار پرفارمنس پڻ ڏني وئي. ھن ٻن ڏينھن جي پروگرام ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻين ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پنھنجي غذا کي صحي نموني اپنائڻ جا طورطريقا بـ سکيا ۽ انجواء ڪرڻ سان گڏ خوب ٽڪ ٽاڪ ۽ ڦوٽو ڪڍيا ـ ھڪ اسٽيج تي غذائيت بابت شارٽ اسٽيج ڊارمو بـ پيشن ڪيو ويو جنھن ۾ مير صوبدارسعيد ۽ فريد ڀٽو اھم ڪردار ادا ڪيو ـ
يونيورسٽين جي اندر ھن قسم جا پروگرام ٿيندا رھن تـ جئين شاگردن کي پنھنجي تعليم سان گڏ صحت جي حوالي سان بـ معلومات ملي سگھي ـ

پنھنجي راءِ لکو