ڪيترين ئي نيب ترميمن جو معمار عمران نيازي پاڻ هو: سپريم ڪورٽ

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمن بابت ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي لکيل گڏيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف زبردستي اقتدار ۾ اچڻ جي 34 ڏينهن کانپوءِ ٺاهيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف آئيني جمهوري آرڊر کي ٻاهر اڇلايو ۽ پنهنجي لاءِ قانون سازي ڪئي، پرويز مشرف اعليٰ عدليا جي انهن ججن کي هٽايو، جن غير آئيني قدمن جي واڌ نه ڪئي.
مشروف دور ۾ ٺاهيل قانون جي مسودي ۾ لکيو ويو ته نيب قانون جو مقصد ڪرپشن جو سدباب آهي، جن سياستدانن ۽ سياسي جماعتن پرويز مشرف کي جوائن ڪيو، کين بري ڪيو ويو، نيب قانون جو اصل مقصد سياستدانن کي سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ هو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي قانون سازي جلد ختم ڪرڻ بدران ان کي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن قانون جون ٻه تشريحون هجن ته قانون جي حق ۾ ايندڙ تشريح کي تسليم ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته درخواست ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين موجب ناهي، موجوده ڪيس ۾ به ترميمون غير آئيني هجڻ جي حوالي سان اسان قائم نه ٿي سگهياسين، انهن مان ڪيترين ئي ترميمن جو معمار عمران نيازي پاڻ هو، پي ٽي آءِ باني نيڪ نيتي سان درخواست داخل نه ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو