ڪينگروز بائونڊرين جو طوفان آڻي ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي ۾ نوان رڪارڊ قائم

ايڊنبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا.
اسڪاٽ لينڊ خلاف سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاور پلي جو نئون رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو، ڪينگروز ميزبان ٽيم خلاف پاور پلي جي 6 اوورن ۾ 113 رنسون ٺاهي ورتيون، جيڪو ڪنهن به ٽيم جو ٽي ٽوئنٽي پاور پلي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
ايڊنبرا ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا اننگز شروع ڪئي ته جيڪ فريزر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو پر مچل مارش ۽ ٽريوس هيڊ بائونڊرين جو طوفان آڻي ڇڏيو ۽ چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ٿيڻ لڳي.
ٻنهي رانديگرن پاور پلي جي 6 اوورن ۾ 113 رنسون ٺاهيون، هيڊ رڳو 22 بالن تي 73 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 12 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته مارش 12 بالن تي 39 رنسون ٺاهيون، هن 5 چوڪا ۽ 3 ڇڪا هنيا.
ٽريوس هيڊ 25 بالن تي 80 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن آسٽريليا طرفان ٽي ٽوئنٽي ۾ 17 بالن تي تيز ترين ففٽي به اسڪور ڪئي.
آسٽريليا 155 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 9.4 اوور ۾ حاصل ڪري 150 يا ان کان وڌيڪ رنسن جو هدف سڀ کان گهٽ اوورن ۾ پورو ڪرڻ جو به نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
ڪينگروز ان تاريخي ڪاميابي سان 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي

پنھنجي راءِ لکو