رونالڊو ۽ ميسي 21 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ”بيلن ڊي اور“ ايوارڊ جي ڊوڙ کان ٻاهر

پيرس (ويب ڊيسڪ) 2003 کانپوءِ پهريون ڀيرو جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ليونل ميسي سال جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ ”بيلن ڊي اور“ جي نامزدگين ۾ شامل نه ٿي سگهيا.
فرانسيسي فٽبال اختيارين اربع تي سال جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ لاءِ 30 رانديگرن تي ٻڌل نامزدگين جو اعلان ڪيو.
2003 کانپوءِ سدائين ائين ٿيندو هو ته ميسي ۽ رونالڊو مان ڪو هڪ ضرور ان ايوارڊ جي نامزدگين ۾ شامل ٿيندو هو پر ٻئي ايوارڊ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وڃن، اهو 21 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي.
5 ڀيرا اهو ايوارڊ کٽيندڙ پرتگالي اسٽار رونالڊو گذريل سال به نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو، جڏهن ته ارجنٽينا جي ميسي، جنهن 2023 ۾ رڪارڊ اٺون ڀيرو بيلن ڊي اور کٽيو، هن سال ارجنٽينا کي ڪوپا آمريڪا ڪپ کٽرائڻ باوجود ان ڊوڙ ۾ شامل ناهي.
واضح رهي ته بيلن ڊي اور ايوارڊ فرانس فٽبال طرفان سال جي بهترين فٽبالر کي ڏنو ويندو آهي، ان ۾ سڄي دنيا جا 180 صحافي فاتح لاءِ ووٽ ڪندا آهن، گذريل سال ميسي رڪارڊ اٺون ڀيرو اهو ايوارڊ کٽيو هو.
2024 جي بيلن ڊي اور ايوارڊز جي تقريب 28 آڪٽوبر تي پيرس ۾ ٿيندي.

پنھنجي راءِ لکو