روز صبح جو اٻريل آنو ڇو کائڻ گهرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيرن ڏينهن جو سڀ کان اهم کاڌو سمجهيو ويندو آهي، ان کي ڇڏڻ سان وزن ۾ غير معمولي اضافو يا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ ياداشت تي به اثر پوي ٿو.

تنهن ڪري صبح جو نيرن ڪرڻ کي لازمي بڻايو ۽ ڪوشش ڪريو ته صحتمند کاڌو چونڊيو جيئن اٻريل آنا.

صبح جو اٻريل آنا کائڻ جا فائدا:

صبح جو اٻريل آنا کائڻ سان جسم کي طاقت ملندي آهي ۽ توانائي به ملندي آهي، ان سان گڏ گهڻي وقت تائين بک به محسوس ناهي ٿيندي.

اٻريل آنن ۾ ڪيلوريون گهٽ هونديون آهن ۽ ان کي صبح جو سوير کائڻ سان وزن گھٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

آنن ۾ موجود پروٽين جسم ۾ ضروري امينو ايسڊ جي فراهمي ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ميٽابولزم جي عمل کي وڌائڻ ۾ پڻ اثرائتا آهن.

صبح جو اٻريل آنا کائڻ توهان جي اکين جي روشني لاءِ سٺو آهي، ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ توهان جي اکين کي الٽرا وائلٽ شعاعن کان بچائيندا آهن.

آنن ۾ وٽامنز ۽ منرلز جو بھترين مقدار ھوندو آھي جيڪو دماغي سيلز، ياداشت ۽ نروس سسٽم کي صحتمند رکي ٿو.

آني جي زردي ۾ زنڪ ۽ سلينيم موجود هوندو آهي جيڪو قوت مدافعت وڌائڻ ۾ مدد ڪندو آهي

پنھنجي راءِ لکو