جيل ۾ مري ويندس پر غلامي قبول نه ڪندس: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته مون کي ٻڌايو پيو وڃي مان طاقتور سامهون بيهڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟ واضح ڪيان ته جيل جي چڪي ۾ مري ويندس پر وقت جي يزيد جي غلامي قبول نه ڪندس.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ انقلاب ڏانهن وڌي رهيو آهي، انهن کي 8 فيبروري تي خاموش انقلاب سان جاڳڻ گهرجي ها، فيصلو ڪندڙن وٽ عقل ناهي.
هن چيو ته مون کي سبق سيکارڻ لاءِ بشريٰ بي بي کي 7 مهينن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي، مون کي ٻڌايو پيو وڃي ته طاقتور سامهون بيهڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟ اهو مون کي ٻڌائي رهيا آهن ته سائفر سامهون ڇو بيٺس؟ مان واضح ڪيان ته جيل جي چڪي ۾ مري ويندس پر وقت جي يزيد جي غلامي قبول نه ڪندس.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ پتلا ويهارڻ سان مسئلا وڌي ويا آهن، حالتون هٿن مان نڪري ويون آهن، اختر مينگل درست چئي رهيو آهي ته تمام خطرناڪ صورتحال آهي، اين ايف سي ۾ بلوچستان کي جيڪا رقم ملندي آهي، اها هيٺ ناهي پهچندي.
عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڊائلاگ جي ضرورت آهي، اسان کي چوندا هئا ٽي ٽي پي توهان جي ڪري آهي ته پوءِ بلوچستان ۾ بي ايل اي ڪنهن جي ڪري آهي؟ توهان ڳجهن ادارن کي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو، ڳجهن ادارن جو ڪم دهشتگردي ختم ڪرڻ آهي.

پنھنجي راءِ لکو