آءِ فون جي آواز وارن بٽڻن ۾ ڪيتريون ئي شيون لِڪل، ڄاڻي حيران ٿي ويندا

هونئن ته ان جو بنيادي مقصد سائونڊ/آواز ڪنٽرول ڪرڻ آهي پر آءِ فون جا واليوم بٽڻ اوهان جي خيالن کان وڌيڪ ڪارائتا هوندا آهن.
جي ها آءِ فون ۾ کوڙ سارا اهڙا فيچر موجود آهن جن بابت تمام گهٽ واهپيدارن ڄاڻ هوندي آهي، جنهن مان هڪ واليوم بٽڻ آهن جيڪي سائونڊ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
پوءِ اچو ڄاڻيو ته اوهان آءِ فون جي واليوم بٽڻن کي ڪهڙي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا.
تصويرون ڪڍو
واليوم بٽڻن کي اوهان تصويرن ڪڍڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهو ٿا، جي ها واقعي اوهان واليوم بٽڻن ذريعي فرنٽ ۽ بيڪ ڪئمرائن مان تصويرون ڪڍي سگهو ٿا.
بس ڪئمرا ايپ کوليو ۽ ڪنهن هڪ واليوم بٽڻ تي ڪلڪ ڪري تصوير ڪڍو يا پئنوراما موڊ به آن ڪري سگهو ٿا، پئنوراما موڊ کي اوهان ٻيو ڀيرو واليوم بٽڻ دٻائي ختم ڪري سگهو ٿا.
وڊيو ٺاهيو
ساڳي ئي طريقي سان اوهان وڊيوز به ٺاهي سگهو ٿا، بس ڪئمرا ايپ ۾ وڊيو موڊ کي آن ڪري ڪنهن به واليوم بٽڻ کي دٻايو.
ٻيو ڀيرو واليوم بٽڻ دٻائڻ سان وڊيو بيهي ويندي يا وڊيو ٺاهيندي بٽڻ کي مسلسل دٻائي رکو ۽ جڏهن رڪارڊنگ روڪڻي هجي ته بٽڻ تان آڱر هٽائي ڇڏيو.
دستاويز اسڪين ڪريو
اوهان جي آءِ فون ۾ ڊاڪيومينٽ اسڪينر هوندو آهي جيڪي مختلف ايپس جهڙوڪ فائلز، ميل، نوٽس ۽ ريمائنڊر وغيرا سان گڏ ڪم ڪندو آهي.
جيئن ته اسڪيننگ لاءِ ڪئمرا ايپ کي استعمال ڪرڻو پوندو آهي تنهنڪري واهپيدار اسڪين ڪندي اسڪرين تي شٽر بٽڻ بدران واليوم بٽڻ کي به ان مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
الارم ڪلاڪ بند ڪريو
جيڪڏهن اوهان آءِ فون کي الارم ڪلاڪ طور به استعمال ڪريو ٿا ته اِها ٽرڪ ضرور ڄاڻڻ گهرجي جنهن کانپوءِ هر صبح اسڪرين تي Snooze بٽڻ ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي.
بس واليوم بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان الارم بند ڪري سگهو ٿا، رڳو اوهان کي الارم لاءِ ان فنڪشن کي اِن ايبل ڪرڻو پوندو.
فيڪٽري ري سيٽ ڪريو
جيڪڏهن اوهان جو فون هينگ ٿي ويو آهي ۽ ري اسٽارٽ ڪرڻ جو ڪو ٻيو طريقو نه ٿو سُجهي ته اوهان واليوم بٽڻن کي ڊيوائس فيڪٽري ري سيٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.
ان مقصد لاءِ پهريان واليوم اَپ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ وري واليوم ڊائون بٽڻ تي ان کانپوءِ سائيڊ لاڪ بٽڻ کي تيستائين دٻائي رکو جيستائين ڪاري پس منظر ۾ ايپل لوگو ظاهر نه ٿو ٿئي.
جڏهن اوهان جي لاڪ اسڪرين ٻيهر نظر ايندي ته ان جو مطلب هوندو ته فون هارڊ ري سيٽ ٿي وئي آهي، پر اِها ڳالهه پڻ ڌيان رکڻ گهرجي ته ائين ڪرڻ سان فون جي سموري ڊيٽا ڊليٽ ٿي ويندي آهي.
فيس آءِ ڊي يا ٽَچ آءِ ڊي فوري ٽرن آف ڪريو
اوهان عارضي طور فيس آءِ ڊي کي آءِ فون ان لاڪ ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا، ان مقصد لاءِ سائيڊ لاڪ بٽڻ ۽ ڪنهن به هڪ واليوم بٽڻ کي هڪ ئي وقت ٻن سيڪنڊن لاءِ دٻايو.
ائين ڪرڻ سان هڪ سلائيڊر ظاهر ٿيندو جنهن کانپوءِ ترت سائيڊ بٽڻ کي دٻائڻ سان آءِ فون فوري طور لاڪ ٿي ويندي.
اِن ڪمنگ ڪال کي سائيلنس ڪريو
مصروفيت سبب ڪنهن ڪال کي سائيلنس ڪرڻ چاهيو ٿا ته جڏهن به ڪال اچي، ڪنهن به هڪ واليوم بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
اِهو طريقو عام ڪالز سان گڏوگڏ فيس ٽائم ڪالز تي به ڪم ڪندو آهي جڏهن ته اوهان ذريعي اوهان وائبريٽ موڊ تي ڪم ڪندڙ آءِ فون جي وائبريشن به روڪي سگهو ٿا

پنھنجي راءِ لکو