موبائيل سمن جي بندش جو ٻيو مرحلو شروع، ڪهڙن واهپيدارن جو سمون بند ٿينديون؟

سلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) موبائيل سمز جي غيرقانوني استعمال جي روڪٿام لاءِ سمن جي بندش جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي.
پي ٽي اي موجب، ٻئي مرحلي دوران جن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو 2017 کان اڳ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي تجديد ناهي ڪرائي انهن جي سمن جي بندش شروع ڪئي وئي آهي.
پي ٽي اي اختيارين موجب، پهرئين مرحلي ۾ جعلي ۽ رد ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن تي نڪتل سمون بند ڪيون ويون، 16 آگسٽ کان هنيئر تائين 69 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني سمون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي نالي تي رجسٽرڊ سمون بند ڪيون وينديون.
پي ٽي اي موجب، جعلي سمون مختلف غيرقانوني سرگرمين ۾ استعمال ٿي رهيون آهن جڏهن ته غيرقانوني سمون دهشتگردي، مالياتي فراڊ ۽ ٻين سرگرمين ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته نادرا وٽان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد غيرقانوني سمن کي بند ڪيو پيو وڃي، موبائيل سمن جي بندش کان اڳ واهپيدارن کي آگاهي پيعام موڪليا پيا وڃن، شهري سمن جي بندش کان بچڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊز جي تجديد ڪرائين.

پنھنجي راءِ لکو