سامونڊي طوفان بابت اٺون الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوڀر عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان ”اسنيٰ“ جي ڪراچي کان وٿي وڌي وئي. موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان جي حوالي سان اٺون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان هن وقت ڪراچي کان 370 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف آهي.
طوفان اورماڑه کان 250 ڪلوميٽر ۽ گوادر کان 260 ڪلوميٽر آهي.
لسبيلا، آواران، اورماڑه، پسني، گوادر، جيوني، تربت، پنجگور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سڀاڻي رات تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب تيز برساتن سبب مڪران جي ساحلي علائقن ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو.
سڀاڻي تائين سمنڊ ۾ 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن جي ڪري لهرون اٿڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا مهاڻا سڀاڻي کان سمنڊ ۾ پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري سگهن ٿا

پنھنجي راءِ لکو