ريسلر نڪي بيلا تي تشدد جي الزام ۾ مڙس گرفتار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊبليو ڊبليو اي ريسلر نڪي بيلا جي مڙس آرٽم چنگونٽسيف کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب بيلا جي مڙس آرٽم چنگونٽسيف کي گهريلو تشدد جي الزام ۾ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو، پوءِ کيس ڪيليفورنيا جي ناپا ڪائونٽي منتقل ڪيو ويو آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آرٽم چنگونٽسيف کي ناپا ويلي ڪائونٽي مختلف قلمن تحت گرفتار ڪيو، اهي قلم شريڪ حيات تي تشدد ڪرڻ تي شامل ڪيا ويا آهن.
گرفتاري کان اڳ پوليس ٽيم 40 منٽن تائين جاچ ۽ الزامن تحت پڇا ڳاڇا ڪئي، آرٽم چنگونٽسيف کي 25 هزار ڊالرن جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نڪي بيلا ڊبليو ڊبليو اي چيمپيئن رهي چڪي آهي، هن مڙس سان گڏ 26 آگسٽ تي شادي جي سالگرهه پڻ ملهائي، ٻنهي 2022 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين هڪ ٻار جو اولاد به آهي.

پنھنجي راءِ لکو