وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، فاطمه ثنا ڪپتاني ڪندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ٽيم جي قيادت ندا ڊار کي هٽائي فاطمه ثنا کي ڏني وئي آهي.
سليڪشن ڪميٽي گڏيل طور فاطمه ثنا کي 3 کان 20 آڪٽوبر تائين گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پاڪستان کي گروپ اي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ سان گڏ رکيو ويو آهي، جڏهن ته شيڊيول جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ فاطمه ثنا (ڪپتان)، عاليا رياض، ڊيانا بيگ، گل فيروزا، ارم جاويد، منيبا علي (وڪيٽ ڪيپر)، نشرا سنڌو، ندا ڊار، عميمه سهيل، صدف شمس، سعديه اقبال، سدرا امين، عروب شاهه، تسميه رباب، طوبيٰ حسن شامل آهن.
ان کانسواءِ نجيهه علوي (وڪيٽ ڪيپر) ريزور رانديگر طور ٽيم سان گڏ سفر ڪندي، جڏهن ته رامين شميم ۽ ام هاني کي به ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو