سڀ کان طاقتور اسپيل تحت سنڌ ۾ هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي ماهرن سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب وچ ڀارت تي موجود طاقتور هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، سسٽم ڊپريشن جي صورت ۾ مڌيا پرديش ۾ موجود آهي، اهو سسٽم اڄ رات يا سڀاڻي صبح سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته ان سسٽم جي اثر هيٺ چوماسي هوائون شدت سان سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، اڄ رات کان 31 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ دوران هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته کيرٿر رينج ۽ بلوچستان جي جابلو سلسلي تي به تيز برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب سنڌ جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، سمنڊ ۾ وڏيون ڇوليون هونديون، تنهن ڪري مهاڻا احتياط ڪن.
هوڏانهن موسمياتي تجزئي نگار اويس حيدر ٻڌايو ته اهو اسپيل هيل تائين جي چوماسي سيزن جو سڀ کان طاقتور اسپيل ثابت ٿي سگهي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو