ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سان 50 اربن جي بچت ڪري سگهجي ٿي: اويس لغاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وزير اويس لغاري لوڊشيڊنگ تي انوکو منطق پيش ڪندي چيو آهي ته ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ برداشت ڪري ڇڏيو ته 50 ارب رپين جي بچت ڪري سگهجي ٿي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اويس لغاري چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي ڏئي رهيا آهيون پر غريب واهپيدارن کي بجلي سستي ڏئي رهيا آهيون، جن جو بار ٻيا واهپيدار کڻي رهيا آهن، مهانگي بجلي سبب انڊسٽري بند ٿي رهي هئي، انڊسٽري کي گهٽ قيمت تي بجلي ڏئي رهيا آهيون، ان جو بار حڪومت کنيو آهي.
بجلي بچائڻ جي اهم قدمن ۾ پکن کي گهٽ واٽ تي منتقل ڪرڻ آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت نوان پلانٽ لڳائيندي.
سندس چوڻ هو ته واهپيدار تي بار 10 رپيا في يونٽ هو، جيڪو ڊالر جو اگهه وڌڻ سان وڌي ويو، ان وقت بجلي جي سراسري قيمت 44 رپيا في يونٽ آهي

پنھنجي راءِ لکو