عوام کي رليف ڏيڻ بي وقوفي، باقي ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ بي وقوفي ناهي؟ مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته بجلي بلن ۾ رليف شارٽ ٽرم نه پر ٻن مهينن جو آهي ۽ ان کانپوءِ تمام وڏو سولر پروگرام آڻي رهيا آهيون، جيڪو عوام کي وڌيڪ بلن کان ڇوٽڪارو ڏياريندو.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز.
چيو ته ا سان اسڪالرشپ اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون، بائيڪس ڏئي رهيا آهيون، جنهن سان شاگردن کي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي، جڏهن ته 61 بسون انهن تعلقن ۾ ڏئي رهيا آهيون، جتي اسڪول بسون ناهن.
مريم نواز نالو کڻڻ بنا چيو ته ڪنهن اهي لفظ استعمال ڪيا ته بجلي سستي ڪرڻ بيوقوفي آهي، ان تي کِل آئي، ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ، پروٽوڪول تي پئسا خرچ ڪرڻ، هيلي ڪاپٽرن، جهازن، گاڏين جي قافلن تي پئسا خرچ ڪرڻ ڇا بي وقوفي ناهي؟ باقي عوام کي رليف ڏيڻ بي وقوفي آهي.

پنھنجي راءِ لکو