شرجيل ميمڻ الزام جي سياست مان نڪري اچي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته مريم نواز پنهنجي صوبي جي فنڊ مان پنجاب جي ماڻهن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته ڀاءُ اوهان کي يقين ڇو نٿو اچي، سنڌ ۾ 16 سالن کان حڪومت اوهان جي آهي، مريم نواز جي ناهي، الزام جي سياست مان نڪري اچو.اوهان کي خدمت جو موقعو مليو آهي ته عوام جي خدمت ڪريو.هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ به مريم نواز جي حڪومت هجي ها ته سنڌ جي ماڻهن کي به رليف ڏئي ها.

پنھنجي راءِ لکو