دادو ۾ غربت سبب ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادي، مراد علي شاهه نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه دادو ۾ غربت سبب پئسن خاطر ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادي جي واقعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
مراد علي شاهه خان محمد ملا ڳوٺ ۾ 45 ڇوڪرين جي رقم عيوض شادي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي..
ڪميٽي ٺاهي ڳوٺ ۾ تفصيلي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ رپورٽ ڏني وڃي
هن ڪمشنر حيدرآباد کي اهو به چيو ته ٻڌايو وڃي پرڻايل ڇوڪريون ٻوڏ متاثر خاندانن مان هيون، جيڪڏهن ٻوڏ متاثر خاندانن مان هيون ته انهن جي ڪيتري امداد ڪئي وئي؟ اهي ان وقت ڪهڙي حال ۾ آهن؟ هر پهلو جي رپورٽ ڏيو ته جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو