پي ٽي آءِ باني جو مشروط معافي وٺڻ جو اعلان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان مشروط معافي وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پهريان 9 مئي جون سي سي ٽي وي فوٽيجز آنديون وڃن.
هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهن ته هو معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي.
عمران خان اِهو به چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو نوَ مئي جي واقعن ۾ ملوث آهن ته کين پارٽي مان نيڪالي ڏيندس ۽ سزا به ڏياريندس.
پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي رينجرز اهلڪارن گهيليو، پاڪستان ۽ عالمي سطح تي مقبول ترين شخص جي ڪا عزت ناهي، ڇا اوهان جو حق ناهي اوهان مون کان معافي گهرو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان چيو هو ته چونڊن ۾ اسان جي اڪثريت تسليم ڪرڻ تائين حڪومت يا فوج سا عدالت جي ٻاهران ڪنهن به قسم جو ڳالهيون نه ٿينديون

پنھنجي راءِ لکو