ملڪ جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جون جي مقابلي جولاءِ ۾ ملڪ جي ايسڪپورٽ۽ امورٽ ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

دستاويزن موجب، جون جي مقابلي جولاءِ ۾ مجموعي ايڪسپورٽ ۾ 9.77 سيڪڙو جڏهن ته مجموعي امپورٽ ۾ 14.27 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي

جولاءِ ۾ مجموعي ايڪسپورٽ جو حجم 2 ارب 30 ڪروڙ 80 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته جون ۾ مجموعي ايڪسپورٽ جو حجم 2 ارب 55 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهيو.

جولاءِ ۾ مجموعي امپورٽ جو حجم 4 ارب 25 ڪروڙ 60 لک ڊالر رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته جون ۾ امپورٽجو حجم 4 ارب 96 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيو.

هلندڙ سال جولاءِ ۾ مجموعي ايڪسپورٽ ۾ سالياني 11.83 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي، جڏهن ته گذريل سال جولاءِ ۾ مجموعي ايڪسپورٽ 2 ارب 6 ڪروڙ ڊالرز هئي

پنھنجي راءِ لکو