190 ملين پائونڊ ڪيس: ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟ جاچ آفيسرجو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ريفرنس ۾ جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر ميان عمر نديم جو عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان سامهون اچي ويو آهي.
جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب ميان عمر نديم 30 جولاءِ تي احتساب عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ريفرنس تي انڪوائري جو اختيار 7 ڊسمبر 2022 تي مليو ۽ جاچ 28 اپريل تي شروع ڪئي، رڪارڊ موجب ڪابينا پرڏيهي اثاثن جي ريڪوري لاءِ ريڪوري يونٽ جي منظوري ڏني.
جاچ آفيسر ٻڌايو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ڪنٽري مئنيجر عثمان احمد کي شهزاد اڪبر جي هدايت تي ڳجها خط لکيا ويا، مجرماڻي سرگرمين جي آمدني منجمد ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪرائم ايجنسي فريزنگ آرڊر حاصل ڪيا.
جاچ آفيسر موجب، نجي هائوسنگ سوسائيٽي کان 2019 ۾ زمين خريد ڪئي وئي، جيڪا جوابدار ذلفي بخاريءَ ذريعي القادر ٽرسٽ يونيورسٽي کي منتقل ڪئي وئي، ايراضي منتقلي کانپوءِ ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ پراپرٽي ٽائيڪون پي ٽي آءِ باني سان مليا.
جاچ آفيسر موجب، 11 جولاءِ 2019 تي رقم پاڪستان جي ملڪيت ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني کي بدنيتي تي ٻڌل نوٽ لکيو ويو، نوٽ 3 ڊسمبر 2019 تي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، نوٽ بند لفافي ۾ ڪابينا ۾ پيش ڪري ان جي منظوري تي اصرار ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرسٽ ڊيڊ تي ضياءَ المصفطيٰ نسيم شاهد طور صحيحون ڪيون، ان تي ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ قانون واري وزارت جي راءِ نه ورتي وئي، ٽرسٽ ۾ ترميم ڪري پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي ۽ ذلفي بخاري کي شامل ڪيو ويو، بشريٰ بي بي 24 مارچ 2021ع عطيي جي اقرار نامي تي صحيحون پڻ ڪيون.
جاچ آفيسر موجب، القادر ٽرسٽ جي آڙ ۾ 240 ڪنال جي ايراضي فرح شهزادي جي نالي تي متنقل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ايراضي جي وڪرو بابت ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، ٻنهي کي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا پر سهڪار نه ڪيو ويو.
جاچ آفيسر جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن رياست لاءِ فنڊز جي منتقلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ مب مڪمل ناڪام رهيا، موهڙا نور اسلام آباد ۾ 240 ڪنال ايراضي فراڊ ذريعي جوابدارن جي نالي تي منتقل ڪئي وئي، القادر ٽرسٽ پراپرٽي ۾ فرح شهزادي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي فرنٽ پرسن طور ڪم ڪيو

پنھنجي راءِ لکو